Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

خيبرپختونخواھ ۽ فاٽا ۾ تمام تر خطرن جي باوجود حق پرستي جي پيغام کي فروغ ڏيندا رهنداسين.بيرسٽر محمد علي سيف.


 Posted on: 10/15/2014
خيبرپختونخواھ ۽ فاٽا ۾ تمام تر خطرن جي باوجود حق پرستي جي پيغام کي فروغ ڏيندا رهنداسين.بيرسٽر محمد علي سيف.
پشاور جي زبيل پيلس ۾ نوشهره، مردان، صوابي، مالاڪنڊ، ڪوهاٽ ۽ ڪرڪ ضلعن جي عهديدارن جي تعارفي اجلاس کي خطاب.
ڪراچي؛15 آڪٽوبر 2014
            ايم ڪيو ايم خيبرپختونخواھ ۽ فاٽا جي صدر بيرسٽر سيف چيو آهي ته قائد تحريڪ جناب      الطاف حسين جي قيادت ۾ ايم ڪيو ايم ملڪ جي واحد جماعت آهي جنهن سڀني کان پهرين غريب ۽ وچولي طبقي جي پڙهيل لکيل  نوجوانن کي چونڊيل ايوانن ۾ موڪلي ڪري ملڪ ۾ رائج فرسوده جاگيرداراڻه ، وڏيراڻه ۽ سرداراڻه نظام ۾ عملي طور تي ڏار ۽ پرامن جمهوري انقلاب جي بنياد رکي.انهن خيالن جو اظهار انهن پشاور جي زبيل پيلس ۾ ايم ڪيو ايم ڪي پي ڪي ۾ پشاور سميت چارسده، نوشهره، مردان، صوابي، مالاڪنڊ، ڪوهاٽ ۽ ڪرڪ ضلعن جي هڪ تعارفي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.ان موقعي تي ايم ڪيو ايم صوبائي تنظيمي ڪميٽي ڪي پي ڪي ، ڪشمير جا ميمبر ڊاڪٽر عمر گل عادل ۽ ڊاڪٽر نوبت خان به موجود هئا.بيرسٽر سيف تحريڪ طالبان پاڪستان جي طرفان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۽ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن کي ڌمڪين وارا خط موڪلڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ چيو ته ڌمڪي وارن خطن کان پوءِ ملڪ ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ مقيم ڪروڙين پاڪستانين ۾ ڳڻتي جي لهر پاتي وڃي ٿي. انهن پاڪستان ۽ برطانيه جي حڪومتن کان مطالبو ڪيو ته اهي طالبان جي ڌمڪين وارن خطن جو سنجيدگي سان نوٽس وٺن ۽ جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جي عهديدارن جي تحفظ جي لاءِ ٺوس قدم کنيا وڃن. انهن ان عزم جو اظهار ڪيو ته اهي ڪي پي ڪي ۽ فاٽا ۾ تمام تر خطرن جي باوجود حق پرستي جي پيغام کي فروغ ڏيندا رهندا ۽ ڪي پي ڪي ۽ فاٽا جي عوام کي مسئلن کان ڪڍڻ جي لاءِ جمهوري ۽ پرامن جدوجهد جاري رکندا.اجلاس جي آخر ۾قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي وڏي عمر، صحت و تندرستي ۽ هر آفت کان بچاءُ جي لاءِ دعائون به گهريون ويون.

7/17/2024 8:20:52 PM