Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پيٽروليم مصنوعات، بجلي ۽ گيس جي قيمتن ۾ اضافي کان پوءِ روزمره جي استعمال جي شين جي قيمتن ۾ اضاتي تي سنڌ اسيمبلي جي حق پرست ميمبرن جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.


 Posted on: 10/15/2014
پيٽروليم مصنوعات، بجلي ۽ گيس جي قيمتن ۾ اضافي کان پوءِ روزمره جي استعمال جي شين جي قيمتن ۾ اضاتي تي سنڌ اسيمبلي جي حق پرست ميمبرن جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.
ڪراچي؛15 آڪٽوبر2014
            متحده قومي موومينٽ جي سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن پيٽروليم مصنوعات، بجلي ۽ گيس جي قيمتن ۾ اضافي کان پوءِ روز مره جي شين جي قيمتن ۾ اضافي جي ڪري وڌندڙ مهانگائي تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ ان کي غريب عوام سان سراسر ظلم ۽ ناانصافي قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ گڏيل بيان ۾ انهن چيو ته بجلي ۽ گيس جي قيمتن ۾ اضافي کان پوءِ روز مره جي کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ روز بروز اضافو ٿيندو پيو وڃي. جنهن جي ڪري عوام تي مهانگائي جو بار تمام گهڻو وڌي ويو آهي ۽ جڏهن ته ڪجھ هندن تي دڪاندار به پنهنجي مرضي جون قيمتون وصول ڪري رهيا آهن. انهن چيو ته گذريل ڪجھ مهينن ۾ مهانگائي ۾ وڏي اضافي جي باوجود پرائز ڪنٽرول سميت تمام لاڳاپيل ادارا خاموش تماشائي بڻيل آهن ۽ ڪوئي به انهن کان پچڻ وارو نه آهي، جيڪو حڪمرانن جي بيحسي جو وڏو ثبوت آهي. انهن چيو ته غريب عوام مهانگائي جي ڪري تمام گهڻا پريشان آهن ۽ ان پريشاني جي عالم ۾ خودسوزي ڪرڻ ۽ پنهنجن ٻارن کي وڪڻڻ جهڙا واقعا به روز جو معمول بڻجي ويا آهن. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. انهن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اها روز مره جي کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ اضافي جو فوري طور تي نوٽس وٺي ۽ غريب عوام تي ٽيڪسن ۽ انهن کي بجلي جي اضافي بل موڪلڻ جو سلسلو به بند ڪيو وڃي.

7/17/2024 8:36:28 PM