Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

خيبرايجنسي جي وادي تيراھ ۾ خود ڪش بم ڌماڪي تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.


 Posted on: 10/15/2014
خيبرايجنسي جي وادي تيراھ ۾ خود ڪش بم ڌماڪي تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.
خود ڪش ڌماڪو پاڪ فوج جي طرفان دهشت گردن جي خلاف جاري آپريشن ضرب عضب جو رد عمل آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛15 آڪٽوبر2014
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين خيبرايجنسي جي وادي تيراھ ۾ خودڪش بم ڌماڪي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ڌماڪي جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي شهيد ۽ زخمي ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن فرمايو ته وادي تيراھ ۾ خودڪش ڌماڪو پاڪ فوج جي طرفان دهشت گردن جي خلاف جاري آپريشن ضرب عضب جو ردعمل آهي. پاڪ فوج آپريشن ضرب عضب جي نتيجي ۾ دهشت گردن ۽ انهن جي ڪيترن ئي ٺڪاڻڻ جو خاتمو ڪيو. انهن فرمايو ته اهو خودڪش ڌماڪو ان ڳالھ جي تقاضا ڪري ٿو ته آپريشن ضرب کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي ۽ دهشت گردن جو مڪمل خاتمو ڪري عوام جي جان و مال کي مڪمل تحفظ فراهم ڪيو وڃي. انهن وڌيڪ فرمايو ته ملڪ ۾ دهشت گردي جي ڪري امن و امان ۽ معاشي صورتحال خراب کان خراب تر ٿيندي پئي وڃي.ملڪ ۾ سرمائي ڪاري ته ٺهيو ڪوئي اچڻ جي لاءِ به تيار نه آهي ۽ صورتحال نازڪ ترين آهي ۽ ملڪ جي بقا و سلامتي جي لاءِ سنجيده فيصلن ۽ حڪمت عملي کي اختيار ڪرڻ جو اشارو ڏيئي رهي آهي. انهن خودڪش ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ تمام ماڻهن جي سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي انهن کي صبر جي تلقين ڪئي ۽ دعا ڪئي ته الله تعالٰي انهن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ زخمين کي جلد و مڪمل صحت يابي عطا فرمائي.آمين.جناب الطاف حسين وفاقي ۽ خيبرپختونخواھ جي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ان خودڪش ڌماڪي ۾ ملوث دهشت گردن ۽ انهن جي سرپرستن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي ۽ آپريشن ضرب عضب جي ڪاميابي ۽ دهشت گردن جي خاتمي جي لاءِ تمام ذريعا استعمال ۾ آندا وڃن.
 
 

7/17/2024 8:37:53 PM