Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين کي طالبان جي طرفان ڏنل ڌمڪين تي رابطا ڪميٽي، حق پرست سينيٽرن،قومي ۽ صوبائي اسيمبلين


 Posted on: 10/15/2014
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين کي طالبان جي طرفان ڏنل ڌمڪين تي رابطا ڪميٽي، حق پرست سينيٽرن،قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن برطانيه جي وزير اعظم ڊيوڊ ڪيمرون، سيڪريٽري داخله ٽريمسامي ۽ ٻين برطانوي حڪام کي الڳ الڳ خطَ لکيا.
لنڊن ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي حفاظت جي لاءِ ڀرپور ۽ موثر قدمَ کنيا وڃن. خطن ۾ اپيل.
ڪراچي؛ 15 آڪٽوبر2014
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي، حق پرست سينيٽرن ۽ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن برطانوي وزير اعظم ڊيوڊ ڪيمرون، سيڪريٽري داخله ٽريساما ۽ ٻين برطانوي حڪام کي الڳ الڳ خط لکيا آهن جن ۾ انهن طالبان جي طرفان ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين ۽ ٻين رهنمائن کي ڏنل قتل جي ڌمڪين تي پنهنجي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجن الڳ الڳ خطن ۾ انهن چيو ته ايم ڪيو ايم لبرل ۽ روشن خيال جماعت آهي.جيڪا پهرين ئي ڏينهن کان مذهبي انتها پسندي ۽ دهشت گردي جي خلاف آهي، جناب الطاف حسين هميشه هر فورم تي مذهبي انتها پسندي ۽ طالبانائزيشن جي خلاف آواز بلند ڪئي آهي،انهن روشن خيال نظرين جي ڪري ئي انتها پسند عناصر هميشه قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جي قيادت جي خلاف رهيا آهن ۽ انهن کي نقصان پهچائڻ جي پويان آهن. حاليه ڏينهن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۽ ٻين رهنمائن کي طالبان جي طرفان کليل ڌمڪيون موصول ٿيون آهن جن سان ايم ڪيو ايم جي لکين ڪارڪنن سميت سڄي دنيا ۾ موجود قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي چاهڻ وارن ۾ سخت ڳڻتي پاتي وڃي ٿي. انهن برطانيه جي وزير اعظم، سيڪريٽري داخله ۽ ٻين اعلٰي حڪام کي اپيل ڪئي ته لنڊن ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي حفاظت جي لاءِ ڀرپور ۽ موثر قدمَ کنيا وڃن.

7/17/2024 8:43:18 PM