Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جناب الطاف حسين انتظامي بنيادن تي نون صوبن جي قيام جي ذريعي سڄي ملڪ جي مظلومن کي انهن جا بينادي حقَ ڏيارڻ چاهين ٿا.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي ميمبر گلفراز خان خٽڪ.


 Posted on: 10/5/2014
جناب الطاف حسين انتظامي بنيادن تي نون صوبن جي قيام جي ذريعي سڄي ملڪ جي مظلومن کي انهن جا بينادي حقَ ڏيارڻ چاهين ٿا.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي ميمبر گلفراز خان خٽڪ.
ايم ڪيو ايم پختون آرگنائزنگ ڪميٽي جي زير اهتمام نارٿ ناظم آباد يونٽ نمبر 1 پاپوش نگر ۾ پختون معززن جي اجتماع کي خطاب.

ڪراچي؛ 5 آڪٽوبر2014
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر گلفراز خان خٽڪ چيو آهي ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ڪنهن به قوم جي خلاف نه آهن ۽ سڄي ملڪ ۾ انتظامي بنيادن تي نون صوبن جي قيام جي ذريعي مظلوم قومن کي انهن جا بنيادي حق ڏيارڻ چاهين ٿا. انهن خيالن جو اظهار انهن ايم ڪيو ايم پختون آرگنائيزنگ ڪميٽي جي زير اهتمام نارٿ ناظم آباد يونٽ نمبر 1 پاپوش نگر ۾ پختون ڪارڪنن ۽ معززن جي ميڙ کي خطاب ڪندي ڪيو. ميڙ کي قومي اسيمبلي ميمبر ريحان هاشمي به خطاب ڪيو.ان موقعي تي پختون آرگنائيزنگ ڪميٽي جو انچارج شير ولي ۽ ٻيا به موجود هئا.گلفراز خان خٽڪ چيو ته جاگيردارن، وڏيرن ۽ سردارن تي ٻڌل ٽولو ملڪ تي قابض آهي ۽ ان ٽولي هڪ خاندان جي شڪل اختيار ڪري ورتي آهي. انهن چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ملڪ جا واحد ليڊر آهن جيڪي صرف دعوائون ڪرڻ جي بجاءِ مظلومن  جي حقن جي لاءِ ڪيترن ئي سالن کان عملي جدوجهد ڪري رهيا آهن. انهن چيو ته جناب الطاف حسين جي حق پرستانه جدوجهد ملڪ جي مظلومن جي لاءِ اميد جو مرڪز بڻجي چڪي آهي ۽ انشاء الله تعالٰي اهو وقت پري نه آهي جڏهن جناب الطاف حسين جي قيادت ۾ مظلوم عوام کي انهن جا حق ملندا.انهن عوام کي اپيل ڪئي ته اهي قرباني جون کلون ايم ڪيو ايم جي فلاحي اداري ڪي ڪي ايف کي ڏين.
****

7/18/2024 1:27:08 AM