Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پاڪستان سميت سڄي دنيا جي مسلمانن کي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان عيدالاضحٰي جي دلي مبارڪباد.


 Posted on: 10/5/2014
پاڪستان سميت سڄي دنيا جي مسلمانن کي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان عيدالاضحٰي جي دلي مبارڪباد.
عيد الاضحٰي سنت ابراهيمي آهي ۽ سرڪار دو عالم صلي الله عليه وسلم به ان کي جاري رکيو جنهن مان عيد الاضحٰي جي اهميت ظاهر ٿئي ٿي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛5 آڪٽوبر؛2014
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پاڪستان سميت سڄي دنيا جي مسلمانن کي عيدالاضحٰي جي دلي مبارڪباد پيش ڪندي فرمايو ته عيدالاضحٰي تمام مسلمانن کي الله تعالٰي جي رضا حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي پياري کان پياري شي جي قرباني ڪرڻ جو درس ڏيئي ٿي. عيدالاضحٰي جي موقعي تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ انهن فرمايو ته عيدالاضحٰي سنت ابراهيمي آهي ۽ سرڪار دوعالم صلي الله عليه وسلم به ان سنت ابراهيمي کي جاري رکيو جنهن مان عيد جي اهميت نه صرف ظاهر ٿئي ٿي پر مسلمانن کي ان جي اصل روح کي سمجهڻ جو درس به ملي ٿو.انهن فرمايو ته الله تعالٰي جي حڪم تي حضرت ابراهيم پنهنجي پٽ حضرت اسماعيل کي قرباني جي لاءِ پيش ڪري ڇڏيو، جڏهن ته حضرت اسماعيل به الله تعالٰي جي رضا حاصل ڪرڻ جي لاءِ جهڙي طرح سان فرمانبرداري جو مظاهرو ڪندي پنهنجي پاڻ کي قرباني جي لاءِ پيش ڪيو اهو جذبو اسان کي درس ڏيئي ٿو ته الله تعالٰي جي راھ ۾ پنهنجي پياري کان پياري شي قربان ڪرڻ عين عبادت آهي. انهن فرمايو ته مخير حضرات ۽ صاحب حيثيت ماڻهو عيد جون اصل خوشيون حاصل ڪرڻ جي لاءِ سيلاب زدگان، آئي ڊي پيز، غريبن، مسڪينن ۽ بيوائن کي به ان موقعي تي ياد رکن ۽ انهن جي ڀرپور مدد ڪن.انهن سنڌ، پنجاب، خيبرپختونخواھ ، بلوچستان، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان سميت آمريڪا ،برطانيه ،يورپي ۽ عرب ملڪن ۾ مقيم ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي عيد جي دلي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ انهن کي تلقين ڪئي ته اهي عيد جي موقعي تي حق پرست شهيدن جي پونئرن، اسيرن ۽ لاپتا ڪارڪنن جي گهر وارن ۽ غريبن جي به سار سنڀال لهن ۽ انهن جي امداد ڪن ۽ انهن کي به عيد جي خوشين ۾ شامل ڪن.

7/18/2024 1:32:49 AM