Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

اسان عمران خان کي ڪراچي ۾ خوش آمديد چئون ٿا، اهي ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جا مهمان هوندا.قائدتحريڪ جناب الطاف حسين .


 Posted on: 9/21/2014
اسان عمران خان کي ڪراچي ۾ خوش آمديد چئون ٿا، اهي ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جا مهمان هوندا.قائدتحريڪ جناب الطاف حسين .
عمران خان هجي، نواز شريف يا اسفند يار ولي هجن اسان سڀني کي خوش آمديد چئون ٿا، ڪراچي ۾ ايندڙ اسان جا مهمان آهن، ڪراچي وڏو مهمان نواز آهي ۽ پنهنجي دامن ۾ هر ڪنهن کي سمائي وٺي ٿو.
جيڪڏهن صوبا ٺهندا ته چئني صوبن ۾ ٺهندا نه ته نه ٺهندا، پاڪستان کي بچائڻو آهي ته نوان صوبا ٺاهڻا پوندا.
لنڊن ۾ پنهنجي 61 هين سالگره جي سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم يوڪي جي زير اهتمام منعقد ٿيندڙ اجتماع کي خطاب.
لنڊن؛21 سيپٽمبر؛2014
          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ايم ڪيو ايم واحد جماعت آهي جنهن ملڪ جي سياسي تاريخ ۾ سڀني کان پهرين اسٽيٽس ڪو کي چيلنج ڪيو ۽ غريب ۽ وچولي طبقي سان تعلق رکندڙ نوجوانن کي قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ جاگيردارن ۽ وڏيرن جي ڀر ۾ ويهاريو، اسان عمران خان کي ڪراچي ۾ خوش آمديد چئون ٿا، اهي ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جا مهمان آهن ۽ مان انهن کي جلسي جي اڳواٽ مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. انهن اها ڳالھ ڇنڇر جي رات لنڊن ۾ پنهنجي 61 هين سالگره جي سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم يوڪي جي زير اهتمام منعقد ٿيندڙ ميڙاڪي کي وڊيو لنڪ جي ذريعي خطاب ڪندي فرمائي. ميڙاڪي ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ همدردن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سياست ۾ ڪرپٽ سياسي ڪلچر، موروثي سياست ۽ فرسوده جاگيرداراڻه نظام جي خاتمي جون صرف ڳالهيون نه ڪيون بلڪه غريب ۽ وچولي طبقي جي تعليم يافته ماڻهن کي اليڪشن ۾ چونڊرائي قانون ساز اسيمبلين ۾ موڪليو.اهڙي طرح ايم ڪيو ايم 1987 جي مڪاني اليڪشن کان وٺي ڪري 2013 تائين جي عام اليڪشن ۾ لڳاتار حصو وٺندي رهي آهي ، ان سان پاڪستان جي اميرن جي ايوانن ۾ زلزلو اچي ويو.جاگيردارن، وڏيرن ۽ فائدو حاصل ڪندڙ طبقي جڏهن ڏٺو ته ايم ڪيو ايم غريب ۽ وچولي طبقي جي ڊاڪٽرن، انجنيئرن، ٽيڪنوڪريٽس ۽ تعليم يافته ماڻهن کي پاڪستان جي ايوانن ۾ انهن جي برابر ۾ ويهاري ڇڏيو ته اسٽيٽس ڪو جي قوتن ايم ڪيو ايم جي خلاف اتحاد ڪري ورتو.قلم فروش دانشورن، صحافين ۽ اينڪر پرسنن انهن قوتن جي اشاري تي اسٽيٽس ڪو کي تحفظ ڏيڻ ۽ عوام کي ايم ڪيو ايم کان بدظن ڪرڻ جي لاءِ ان جي خلاف من گهڙت ۽ ڪوڙن الزامن تي ٻڌل زهريلا ۽ متعصبانه ڪالم لکيا.جناب الطاف حسين فرمايو ته اڄ به ٽي وي ٽاڪ شوز ۾ ايم ڪيو ايم کي نظر انداز ڪندي چيو وڃي ٿو ته ملڪ ۾ صرف ٻه جماعتون غريبن ۽ وچولي طبقي جون ڳالهيون ڪن ٿيون ۽ اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته ملڪ ۾ غريب ۽ وچولي جي قيادت جو تصور صرف انهن ٻنهي جماعتن متعارف ڪرايو آهي ۽ انهن ٻنهي جماعتن کان اڳ پاڪستان ۾ غريب طبقي جي ڳالھ ڪرڻ واري ڪائي به جماعت نه هئي.انهن فرمايو ته حقيقت اها آهي ته ايم ڪيو ايم 1987 کان 2013 تائين ڪيترن ئي ڏهاڪن کان مڪاني اليڪشن ۽ عام اليڪشنن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري غريب ۽ وچولي طبقي سان تعلق رکڻ وارن ماڻهن کي قانون ساز اسيمبلين ۾ موڪليندي رهي آهي، ايم ڪيو ايم جي خلاف منفي پروفيگنڊا ڪيا ويندا رهيا آهن ۽ ان جي حق پرستانه پيغام کي عوام ۾ ڦيلجڻ کان روڪڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم تي ڪوڙا ۽ من گهڙت الزام لڳايا ويندا رهيا آهن.جڏهن ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جي واحد جماعت آهيجيڪا هر قسم جي تشدد جي خلاف آهي. انهن فرمايو ته ڪن عناصر جي طرفان چيو پيو وڃي ته ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آئي ۾ ڇڪٿاڻ آهي ٻئي غريب طبقي جون ڳالھ ڪن ٿيون ۽ هڪ ٻئي کان خوفزده آهن ته ڪوئي انهن جي علائقي تي قبضو نه ڪري وٺي جڏهن ته منهنجا بيان اخبارن جي ريڪارڊ تي موجود آهن ته جڏهن عمران خان سياست جي ميدان ۾ قدم رکيو هو ته مان انهن جو خير مقدم ڪيو.مان پي ٽي آئي يا ان جي ڪنهن به رهنما تي ڪنهن به قسم جو الزام نه لڳايو پر پي ٽي آئي جي قيادت جي طرفان ملڪ ۾ ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ مون تي ڪوڙا الزام لڳايا ويا.جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم هڪ لبرل ۽ جمهوريت پسند جماعت آهي جيڪا ملڪ ۾ ڪاروڪاري، غيرت جي نالي تي قتل ڪرڻ، عورتن تي تيزاب اڇلڻ، چائيلڊ ليبر ۽ هر قسم جي تفريق جي خلاف آهي. جنهن سڀني کان پهرين هڪ جهڙي تعليمي نظام جي نفاذ جو مطالبو ڪيو ،عوام کي انصاف جي فراهمي جي نظام کي آسان ۽ ساده بڻائڻ جي لاءِ مطالبا پيش ڪيا.جڏهن اهي ئي ڳالهيون ٻيون جماعتون ڪرڻ لڳيون ته اسان کي نه ساڙ ٿيو نه اسان پريشان ٿيا سين بلڪه اسان جي طرفان انهن کي مبارڪباد ۽ شاباش پيش ڪئي وئي.اسان عمران خان جي ڪراچي آمد تي انهن کي خوش آمديد چيو ، جنگ يا جهيڙي جي ڳالھ نه ڪئي ۽ جڏهن پي ٽي آئي اليڪشن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي ته اسان دل کولي ڪري مبارڪباد پيش ڪئي.انهن وڌيڪ فرمايو ته اسان ڪنهن جي اچڻ يا وڃڻ سان نه ٿا ڊڄون، جيڪو به ڪراچي ۾ اچي ٿو اسان ان کي مهمان سمجهون ٿا.مان عمران خان کي ڪراچي آمد تي انهن کي خوش آمديد چوان ٿو ۽ ڪراچي ۾ انهن کي جلسي جي اڳواٺ مبارڪباد پيش ڪريان ٿو.ڪراچي وڏو مهمان نواز آهي اهو پنهنجي دامن ۾ هر ڪنهن کي سمائي وٺي ٿو.انهن فرمايو ته جيڪڏهن ڪنهن کي سنڌ ۾ اچي ڪري پنهنجو فڪر و فلسفو پيش ڪرڻو آهي ته اهو شوق سان ڪري اسان انهن کي خوش آمديد چونداسين. پر جيڪڏهن سنڌ ۾ اچڻ جو مقصداهو آهي ته پاڪستان جي صرف ٽن صوبن ۾ نوان صوبا قائم ڪرڻ جي ڳالھ ڪئي وڃي ۽ اهو چيو وڃي ته سنڌ کي تقسيم ٿيڻ نه ڏينداسين ۽ ڪوئي اهڙيون ڳالهيون ڪري اردو ۽ سنڌي ڳالهائڻ وارن کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ جي ڪوشش ڪري ته اها غلط ڳالھ ٿيندي.انهن واضع لفظن ۾ چيوته جيڪڏهن نوان صوبا ٺهندا ته ملڪ جي چئني صوبن ۾ ٺهندا نه ته ڪنهن به صوبي ۾ نه ٺهندا.انهن وڌيڪ چيو ته پوري دنيا ۾ آبادي ۾ اضافي سان گڏو گڏ نوان صوبا به قائم ڪيا وڃن ٿا ۽ اڄ تائين قائم ڪيا پيا وڃن. سرڪار دو عالم صلي الله عليه وسلم 14 سو سال اڳ صحابه ڪرام کي درس ڏيندي فرمايو هو ته جڏهن شهر جي آبادي وڌڻ لڳي ته ان شهر کي گنجان ڪرڻ جي بجاءِ نوان نوان شهر آباد ڪريو انهي جي ڪري ملڪ ۾ نون صوبن جي مخالفت ڪرڻ قطعي غلط آهي.انهن فرمايو ته مان سنڌ جي قديم باشندن کي ٻڌايڻ چاهيان ٿو ته ٻه ڏينهن اڳ برطانيه ۾ اسڪاٽ لينڊ جي الڳ ٿيڻ جي حوالي سان ريفرنڊم ڪرايو ويو پر الڳ ٿيڻ جي مطالبي تي ڪنهن کي به غدار نه چيو ويو، عوام کي ووٽ جو حق ڏنو ويو ۽ جڏهن اڪثريت فيصلو ڏنو ته اهي برطانيه سان گڏ رهڻ چاهين ٿا ته سڀني خوش دلي سان ان فيصلي کي قبول ڪري ورتو ان جي ڪري اسان کي مهذب دنيا کان سکڻ گهرجي ۽ مهذبانه انداز ۾ پنهنجا مسئلا حل ڪرڻ گهرجن.ايم ڪيو ايم واضع لفظن ۾چئي چڪي آهي ته اها سنڌ جي تقسيم نه ٿي چاهي پر ملڪ ۾ نون صوبن جو قيام وقت جي ضرورت بڻجي چڪو آهي، پي پي پي ، تحريڪ انصاف ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ ملڪ ۾ نون صوبن جي قيام جي حامي آهي پر سنڌ ڪارڊ استعمال ڪيو پيو وڃي جڏهن ته اسان به سنڌ جي تقسيم نه ٿا چاهيون، ان جو حل اهو آهي ته سنڌ جو نالو تبديل ڪرڻ کان سواءِ هتي نوان صوبا بڻائي ڇڏجن.معاملو ڳالهين جي ذريعي ٽيبل تي ويهي ڪري حل ڪيو وڃي ته بهتر ٿيندو نه ته پنهنجي ڇنل حقن جي لاءِ انسان پنهنجي جان جي قرباني ڏيڻ ته پسند ڪري ٿو پر ڪنهن جو غلام بڻجڻ گوارا نه ٿو ڪري.جناب الطاف حسين سنڌ جي وحدت برقرار رکڻ جو حل پيش ڪندي فرمايو ته جيڪڏهن سنڌ ۾ چار صوبا بڻائڻ مقصد هجي ته انهن جو نالو اوڀر سنڌ، اولھ سنڌ، اتر سنڌ ۽ ڏکڻ سنڌ رکيو وڃي.اسان خلوص نيت سان مسئلو حل ڪرڻ چاهيون ته ڪنهن به مسئلي جو حل نڪري سگهي ٿو.جڏهن چار صوبا بڻجڻ سان پاڪستان نه ٿو ٽٽي سگهي ته نوان صوبا بڻجڻ سان ڪنهن صوبي جو نالو ڪيئن ٽٽي سگهي ٿو.ان جي ڪري جيڪڏهن پاڪستان کي بچائڻو ۽ قائم و دائم رکڻو آهي ته نوان صوبا بڻائڻا پوندا.انهن فرمايو ته 1973 ۾ ڀٽو صاحب ٻهراڙي سنڌ جي غربت کي جواز بڻائي ڪري ڏهن سالن جي لاءِ ڪوٽا سسٽم نافذ ڪيو هاڻي اهو 60 سالن تائين وڌايو ويو آهي.انهن دريافت ڪيو ته جڏهن صوبي جا ماڻهو هڪ آهن ته 40 ۽ 60 سيڪڙو جو ڪوٽا سسٽم ڇو نافذ آهي.جيڪڏهن اهو تناسب برقرار رکيو ويو ته سنڌ ۾ نوان صوبا لازمي بڻجندا.جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم جو پيغام حق سڄي ملڪ ۾ ڦيلجندو پيو وڃي، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان سميت ملڪ جو ڪوئي به علائقو اهڙو نه آهي جتي ايم ڪيو ايم جا ڪارڪنَ نه هجن ۽ هر جڳھ تي ايم ڪيو ايم جا جهنڊا نه ڦڙڪندا هجن.انشاء الله تعالٰي مستقبل قريب ۾ پوري پاڪستان جي واحد حق پرست جماعت متحده قومي موومينٽ هوندي.انهن دعا فرمائي ته الله تعالٰي پاڪستان کي قائم و دائم رکي، ملڪ ۽ قوم تي پنهنجو ڪرم فرمائي ۽ سڄي ملڪ جي عوام کي سيلاب زدگان ۽ آئي ڊي پيز جي مدد جي توفيق عطا فرمائي.ان موقعي تي انهن پنهنجي سالگره جي تقريب کي سيلاب زدگان ۽ آئي ڊي پيز جي لاءِ امدادي پروگرام ۾ تبديل ڪرڻ جو اعلان ڪندي تقريب جي شرڪاء کي اپيل ڪئي ته اهي پنهنجي طاقت جي مطابق سيلاب متاثرن جي لاءِ عطيا جمع ڪرائين.

7/18/2024 1:34:13 AM