Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سنڌ ۾ انتظامي بنيادن تي نوان انتظامي يونٽ بڻايا وڃن. رابطا ڪميٽي ميمبر ميان عتيق.نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس.


 Posted on: 9/20/2014
سنڌ ۾ انتظامي بنيادن تي نوان انتظامي يونٽ بڻايا وڃن. رابطا ڪميٽي ميمبر ميان عتيق.نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس.
اسلام آباد؛20 سيپٽمبر؛2014
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ميان عتيق چيو آهي ته سنڌ جي شهري علائقن جي عوام سان تعصب وارو رويو ۽ سوچ  ختم ڪئي وڃي ۽ سنڌ ۾ انتظامي بنيادن تي نوان انتظامي يونٽ قائم ڪيا وڃن. انهن چيو ته ملڪ نازڪ دور کان گذري رهيو آهي ۽ گهرج ان ڳالھ جي آهي ته عوام ۾ پائي ويندڙ بي چيني کي ختم ڪيو وڃي.انهن خيالن جو اظهار انهن نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.ان موقعي تي اپر پنجاب جو صدر ميان عتيق عباسي،سيڪريٽري جنرل ۽ ٻيا به موجود هئا.ميان عتيق چيو ته پوري دنيا ۾ آبادي وڌڻ سان گڏو گڏ تمام ملڪن ۾ نوان نوان صوبا ٺهندا رهن ٿا پر بدقسمتي سان پاڪستان ۾ اهڙو نه ٿيو آهي، انهن چيو ته ماضي ۾ نون صوبن جون ڳالهيون ۽ مطالبا ايستائين جو قومي اسيمبلي ۾ قراردادون به پيش ڪيون ويون هيون. انهن چيو ته پي پي پي قومي اسيمبلي ۾ جنوبي پنجاب صوبي جي قرارداد پيش ڪئي، پنجاب اسيمبلي ۾ پي پي پي ۽ مسلم ليگ ن جنوبي پنجاب ۽ بهاولپور صوبي جون قراردادون منظور ڪرايون ۽ ايم ڪيو ايم به قومي اسيمبلي ۾ نون صوبن جي حوالي سان بل پيش ڪيو هو،جنهن ۾ جنوبي پنجاب ۽ هزاره وال صوبا شامل هئا.انهن چيو ته ڊاڪٽر طاهر القادري 36 صوبا ٺاهڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن، عمران خان به نون انتظامي يونٽن جي ڳالھ ڪن ٿا.پي ٽي آئي جا رهنما پوري ملڪ ۾ ته نون انتظامي يونٽن ٺاهڻ جي ڳالھ ڪن ٿا پر اهي سنڌ ۾ نون صوبن جي مخالفت ڪري رهيا آهن جيڪا سراسر ٻٺي پاليسي ۽ تعصب آهي.انهن وڌيڪ چيو ته اڄ پنجاب ۾ سرائيڪي يا جنوبي پنجاب، خيبرپختونخواھ ۾هزاره وال ۽ بلوچستان ۾ جنوبي پشتونخواھ صوبن جون آوازون موجود آهن.انهن چيو ته اها حقيقت آهي ته نون صوبن جي قيام سان ملڪ جي معيشت مظبوط ٿيندي، ملڪ به مستحڪم ٿيندو ، اهڙي طرح سنڌ ۾ جڏهن وڌيڪ صوبا ٺهندا خصوصن ڪراچي، جيڪو ملڪ جو معاشي حب آهي ۽ ملڪ کي 70 سيڪڙو کان وڌيڪ روينيو ڏيئي ٿو ۽ جنهن سان پورو پاڪستان پلجي رهيو آهي ته پوءِ ڪراچي جي عوام جي خواهشن جو احترام به ڪيو وڃي.

7/18/2024 1:30:03 AM