Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم سائوٿ آفريڪا جي زير اهتمام قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي 61 هين سالگره وڏي جوش و خروش سان ملهائي وئي


 Posted on: 9/20/2014
 
ايم ڪيو ايم سائوٿ آفريڪا جي زير اهتمام قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي 61 هين سالگره وڏي جوش و خروش سان ملهائي وئي.
جوهانسبرگ؛ 20 سيپٽمبر؛2014
              ايم ڪيو ايم سائوٿ آفريڪا جي زير اهتمام قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي 61 هين سالگره وڏي جوش و خروش سان ملهائي وئي.هن ڀيري اها سالگره آنجهاني رهنما نيلسن منڊيلا جي رهائشگاھ تي منعقد ڪئي وئي.سالگره جي تقريب ۾ ڪارڪنن ۽ همدردن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي ايم ڪيو ايم سائوٿ آفريڪا جي آرگنائيزر ۽ عهديدارن پنهنجي خطاب ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي شخصيت ۽ جدوجهد تي روشني وڌي. ان موقعي تي آفريڪن نيشنل ڪانگريس جي مقامي رهنمائن به خطاب ڪيو ۽ پاڪستان جي محروم عوام جي لاءِ جناب الطاف حسين جي جدوجهد تي انهن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته محروم عوام جي لاءِ جناب الطاف حسين ۽ نيلسن منڊيلا جي جدوجهد ۾ هڪ جهڙائي پاتي وڃي ٿي.ان کان پوءِ ايم ڪيو ايم سائوٿ آفريڪا جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن آفريڪن نيشنل ڪانگريس جي رهنمائن سان گڏجي سوئيٽو ۾ آنجهاني رهنما نيلسن منڊيلا جي تاريخي رهائشگاھ جي اندر وڃي ڪري جناب الطاف حسين جي سالگره جو ڪيڪ ڪٽيو.ان موقعي تي ڪارڪنن ايم ڪيو ايم جو مقبول تنظيمي ترانو ساٿي ڳايو ۽ جناب الطاف حسين جي لاءِ زوردار نعرا به هنيا.
****

7/18/2024 1:26:28 AM