Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪراچي اليڪٽرڪ ۾ اردو ڳالهائڻ وارن ڪراچي جي باصلاحيت نوجوانن کي ڀرتين ۾ نظر انداز ڪرڻ تي حق پرست نمائندن جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.


 Posted on: 9/20/2014
ڪراچي اليڪٽرڪ ۾ اردو ڳالهائڻ وارن ڪراچي جي باصلاحيت نوجوانن کي ڀرتين ۾ نظر انداز ڪرڻ تي حق پرست نمائندن جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.
ڪراچي؛20 سيپٽمبر؛2014
             متحده قومي موومينٽ جي سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن ڪراچي اليڪٽرڪ انتظاميه جي طرفان ڀرتين ۾ اردو ڳالهائڻ وارن ڪراچي جي باصلاحيت نوجوانن کي نظر انداز ڪرڻ تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان کي تعصب وارو رويو قرار ڏنو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ ڪراچي ۾ بجلي جو ادارو آهي ۽ ان ۾ ڪراچي جي نوجوانن جو حق آهي. پر ڪي اليڪٽرڪ جي تعصب رکندڙ انتظاميه ڪراچي جي اردو ڳالهائڻ وارن جو حق ماري نه صرف انهن کي نوڪرين کان محروم ڪري رهي آهي بلڪه انهن جي جڳهن تي ڪراچي کان علاوه ٻين هنڌن جي ماڻهن کي سفارشن تي ڀرتي ڪري رهي آهي، جنهن جي ڪري ڪراچي جي نوجوانن ۾ وڏي ڪاوڙ جي لهر پاتي وڃي ٿي.انهن چيو ته اهو تعصب وارو سلوڪ بند ڪيو وڃي ۽ ڪراچي جي نوجوانن ۾ وڌندڙ مايوسين کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي.انهن گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته ڪي اليڪٽرڪ جي ڀرتين ۾ ڪراچي جي اردو ڳالهائڻ وارن نوجوانن کي نظر انداز ڪرڻ جو نوٽس ورتو وڃي.

7/18/2024 1:18:31 AM