Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

نون صوبن جي قيام جي حق ۾ پرامن ۽ ڀرپور احتجاجي مظاهرو ڪرڻ تي مظاهري جي آرگنائزرن ۽ شرڪاء کي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان زبردست خراج تحسين پيش.


 Posted on: 9/20/2014
نون صوبن جي قيام جي حق ۾ پرامن ۽ ڀرپور احتجاجي مظاهرو ڪرڻ تي مظاهري جي آرگنائزرن ۽ شرڪاء کي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان زبردست خراج تحسين پيش.
لنڊن؛20 سيپٽمبر؛2014
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين نون صوبن جي قيام جي حق ۾ پرامن احتجاجي مظاهرو ڪرڻ وارن سول سوسائٽي جي ماڻهن ۽ شهر جي معززن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيوآهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته اڄ ڪلفٽن جي علائقي ۾ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکڻ وارن سول سوسائٽي جي ماڻهن جي طرفان صوبن جي قيام جي حق ۾ جيڪو ڀرپور احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي اهو سنڌ جي عوام جي جذبات جو عڪاس آهي ۽ مان ان تي مظاهري جي تمام شرڪاء ، مقررن ۽ خاص طور تي ڊي سي آر سي جي ذميوارن ۽ ميمبرن کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. جناب الطاف حسين انتهائي مختصر نوٽس تي وڏي تعداد ۾ مظاهري ۾ شرڪت ڪرڻ تي ۽ ان کي ڪامياب بڻائڻ تي عوام خصوصن ڊفينس ۽ ڪلفٽن جي عوام کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. انهن فرمايو ته اهو مظاهرو نون صوبن جي قيام جي لاءِ محروم عوام جي جذبات جو ترجمان آهي ۽ وقت جو تقاضا آهي ته ان آواز تي ڪن ڌريو وڃي ۽ انتظامي بينادن تي صوبن جو قيام عمل ۾ آندو وڃي.

 

7/18/2024 1:24:32 AM