Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سنڌ ۾ نون انتظامي يونٽن جو مطالبو غداري نه آهي، ڪراچي ۾ وسندڙ به محب وطن آهن. خوش بخت شجاعت.


 Posted on: 9/20/2014
سنڌ ۾ نون انتظامي يونٽن جو مطالبو غداري نه آهي، ڪراچي ۾ وسندڙ به محب وطن آهن. خوش بخت شجاعت.
پي ٽي آئي جي رهنمائن نادر اڪمل لغاري ۽ ڊاڪٽر عارف علوي جي طرفان سنڌ ۾ نون انتظامي يونٽن جي قيام جي مخالفت تي مبني بيان جي خلاف ڊفينس ڪلفٽن جي رهائشين جو سخت احتجاج.
ڪراچي؛ 20 سيپٽمبر؛2014
            ڊفينس ڪلفٽن ريذيڊنٽ ڪميٽي جي ميمبر خوش بخت شجاعت تحريڪ انصاف جي رهنمائن نادر اڪمل لغاري ۽ ڊاڪٽر عارف علوي جي طرفان سنڌ ۾ نون انتظامي يونٽن جي قيام جي سخت ترين لفظن ۾ مخالفت ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ نون انتظامي يونٽن جو مطالبو غداري نه آهي.ڪراچي ۾ رهڻ وارا به محب وطن آهن ۽ انهن کي ان جي لاءِ ڪنهن جي سرٽيفيڪيٽ جي ضرورت نه آهي.انهن خيالن جو اظهار انهن ڪلفٽن جي علائقي تين تلوار تي ڊفينس ڪلفٽن ريذيڊنٽ ڪميٽي جي زير اهتمام سول سوسائٽي جي احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي ڪيو.مظاهري ۾ معزز شخصيتن ۽ عوام هزارن جي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.انهن پنهنجن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کنيا هئا جن تي سنڌ سميت پوري پاڪستان ۾ نون انتظامي يونٽن جو فوري قيام ۽ ٻيا نعرا به درج هئا.ان موقعي تي خوش بخت شجاعت مظاهري کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي رهنمائن سنڌ ۾ نونصوبن جي مخالفت ڪري ڪراچي جي عوام جي جذبات کي مجروح ڪيو آهي.جڏهن ته تحريڪ انصاف اليڪشن کان اڳ پنهنجي منشور ۾ نون صوبن جي قيام جي ڳالھ ڪئي هئي .انهن چيو ته ڪراچي ۾ وسندڙ  محب وطن آهن ۽ اسان پاڪستان کي خوشحال ڏسڻ چاهيون ٿا پر افسوس جي ڳالھ آهي ته اسان جي مٿان ڪوٽا سسٽم مسلط ڪيو ويو.جنهن جي ڪري اسان جا نوجوان تعليمي ادارن ۾ ڌڪا کائيندا پيا وتن ۽ انهن کي صوبي جي اهم ادارن ۾ ڀرتين جي موقعي تي به مسلسل نظر انداز ڪيو پيو وڃي.ان جي ڪري پنهنجن حقن جي لاءِ الڳ انتظامي يونٽن يا صوبي جو مطالبو ملڪ سان غداري نه آهي بلڪه صوبن جي قيام سان عوام کي سهولتون انهن جي دروازن تائين ملنديون ۽ ان سان ئي پاڪستان مظبوط ٿيندو.انهن چيو ته گذريل 67 سالن کان جاگيردار ملڪ جي وسيلن تي قابض آهن ۽ ٻاهريان اچڻ وارا ڪراچي جا فيصلا لکن ٿا. اڄ اسان ان فليٽ فارم تان هڪ ڀيرو وري اهو مطالبو ڪريون ٿا ته سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ انتظامي بنيادن تي نون صوبن جو قيام عمل ۾ آندو وڃي.ان موقعي تي ڊي سي آر سي جي جوائنٽ انچارج فرح به خطاب ڪيو.
 

7/18/2024 1:29:45 AM