Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ملڪ ۾ نون صوبن سان گڏو گڏ سنڌ ۾ به انتظامي بنيادن تي نوان صوبا قائم ڪيا وڃن. خوش بخت شجاعت.


 Posted on: 9/19/2014
ملڪ ۾ نون صوبن سان گڏو گڏ سنڌ ۾ به انتظامي بنيادن تي نوان صوبا قائم ڪيا وڃن. خوش بخت شجاعت.
پي ٽي آئي جي رهنما ڊاڪٽر عارف علوي ۽ نادر اڪمل لغاري جي بيانن جي خلاف ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس.
ڪراچي؛19 سيپٽمبر؛2014
             ڊفينس ڪلفٽن ريذيڊنس ڪميٽي ،ڪائونسل آف پروفيشنل ۽ سول سوسائٽي جي ميمبر خوش بخت شجاعت تحريڪ انصاف جي رهنمائن جي خلاف مورخه 20 سيپٽمبر بروز ڇنڇر تي منجهند 3 وڳي ڪلفٽن تين تلوار تي احتجاج جو اعلان ڪيو آهي.انهن ڪراچي پريس ڪلب ۾ پرهجوم پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته جيڪي عناصر سنڌ ۾ نوان صوبا نه ٿا چاهين اهي ڪراچي ۽ مهاجر دشمني جو مظاهرو ڪري رهيا آهن. انهن چيو ته ڪراچي کي هڪ ڀيرو ٻيهر سوچيل سمجهيل منصوبي جي تحت بدامني جو شڪار بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.ان موقعي تي انهن سان هاشم غازي، طٰحٰه احمد خان، فرح ناز ۽ ٻيا به گڏ هئا.محترمه خوش بخت شجاعت نادر اڪمل لغاري ۽ عارف علوي جي ان بيانن تي سخت تنقيد ڪئي ته جنهن ۾ انهن نون صوبن جي تشڪيل جي حوالي سان چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ نوان صوبا بڻجڻ گهرجن پر سنڌ ۾ نئين صوبي بڻائڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏينداسين. انهن جي بيانن سان سنڌ جي شهري علائقن وارن ماڻهن   جا جذبات مجروح ٿيا آهن. انهن چيو ته ملڪ انتهائي نازڪ دور کان گذري رهيو آهي ۽ ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته ملڪ ۾ نون صوبن سان گڏو گڏ سنڌ ۾ به انتظامي بنيادن تي نوان صوبا ٺاهڻ گهرجن ته جيئن ڪراچي ۽ سنڌ جي شهري وارن علائقن ۾ پائي ويندڙ بي چيني ختم ٿي سگهي.انهن چيو ته سڄي دنيا جا ملڪ نوان صوبا ٺاهي ترقي ڪن ٿا پر پاڪستان ۾ اڄ به اهي ئي چار صوبا آهن. انهن چيو ته اسان تمام محب وطن پاڪستانين ۽ خاص ڪري ڪراچي جي شهرين کي اپيل ڪريون ٿا ته اهي 20 سيپٽمبر بروز ڇنڇر تي تين تلوار تي احتجاجي مظاهري ۾ ڀرپور شرڪت ڪن.


7/18/2024 1:26:28 AM