Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

تحريڪ انصاف جي رهنمائن نادر اڪمل لغاري ۽ عارف علوي جي طرفان سنڌ جي عوام جي جائز حقن جي مطالبي کي سنڌ جي تقسيم سان تعبير ڪرڻ تي رابطا ڪميٽي جي ميمبر اشفاق منگي جي طرفان مذمت جو اظهار.


 Posted on: 9/19/2014
تحريڪ انصاف جي رهنمائن نادر اڪمل لغاري ۽ عارف علوي جي طرفان سنڌ جي عوام جي جائز حقن جي مطالبي کي سنڌ جي تقسيم سان تعبير ڪرڻ تي رابطا ڪميٽي جي ميمبر اشفاق منگي جي طرفان مذمت جو اظهار.
انتظامي بنيادن تي صوبن جي قيام جي تجويز تي تحريڪ انصاف جا رهنماءُ واويلا مچائي رهيا آهن. اشفاق منگي.
ڪراچي؛19 سيپٽمبر؛2014
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر اشفاق منگي تحريڪ انصاف جي رهنمائن نادر اڪمل لغاري ۽ عارف علوي جي طرفان سنڌ جي عوام جي جائز حقن جي مطالبن کي سنڌ جي تقسيم سان تعبير ڪرڻ ۽ معصوم سنڌي ڀائرن کي هڪ ڀيرو ٻيهر بيوقوف بڻائڻ جي عمل جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته هاڻي سنڌ جي عوام جي جائز حقن جي مطالبي تي وڏيرن ۽ جاگيردارن جي ترجماني ڪرڻ وارا نام نهاد سياسي رهنماءُ پنهنجن پروفيگنڊن ۾ ڪڏهن به ڪامياب ٿي نه سگهندا.پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان انتظامي بنيادن تي صوبن جي قيام جي تجويز تي تحريڪ انصاف جي رهنمائن جي طرفان واويلا مچائڻ  ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته اهي سنڌ ۽ ان جي حقن  کان محروم عوام سان هرگز به مخلص نه آهن ۽ اهي سياسي طور تي سنڌ جي انهن وڏيرن جا ترجمان بڻيل آهن جن ڪڏهن به سنڌ ڌرتي جي مفاد جي لاءِ ڪوئي به ڪارنامو انجام نه ڏنو آهي پر انهن سنڌ دشمني جا ته کوڙ سارا ڪارناما انجام ڏنا آهن.انهن چيو ته تحريڪ انصاف جي رهنمائن جي طرفان سنڌ جي انتظامي بنيادن تي تقسيم جي مطالبي کي سنڌ جي تقسيم سان تعبير ڪرڻ سراسر سنڌ سان دشمني آهي ۽ سنڌ جي ماڻهن جي وچ ۾ نفرتون ڦيلائڻ جو هڪ مڪروھ عمل به آهي.انهن چيو ته سنڌ جي شهري علائقن جا ماڻهو پنهنجن جائز حقن جي مطالبي کان ڪڏهن به پوئتي نه هٽندا ۽ ڪنهن به ڌمڪي کان نه ڊڄندا.
*

7/18/2024 1:30:22 AM