جناب الطاف حسين جي طرفان خدمت خلق فائونديشن جي تحت سرگوڌا جي سيلاب متاثرن ۾ راشن تقسيم ڪيو ويو.
سرگوڌا؛19 سيپٽمبر؛2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان فلاحي اداري خدمت خلق فائونڊيشن جي زير اهتمام سرگوڌا ۾ سيلاب متاثرن ۾ کاڌي پيتي جون شيون ۽ ٻيو سامان ورهايو ويو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر سيف يار خان، ميان عتيق، اپر پنجاب جو صدر عتيق عباسي ۽ ٻيا به موجود هئا.ان موقعي تي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن سيلاب متاثرن سان ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته سيلاب متاثرَ اسان جا ڀائر آهن ۽ مصيبت جي ان گهڙي ۾ انهن جي مدد ڪرڻ وڏي نيڪي جو ڪم آهي.انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جو فلاحي ادارو ڪي ڪي ايف سيلاب متاثرن جي امداد جي لاءِ ڪنهن به طرح پوئتي نه آهي ۽ انشاء الله تعالٰي سيلاب متاثرن جي مڪمل بحالي تائين امدادي سرگرميون جاري رکندو.