Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين پارٽي ۾ اصلاح احوال( سڌاري) جي لاءِ رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن جو گڏيل اجلاس منعقد ڪيو ۽ اهم فيصلا ڪيا.


 Posted on: 9/16/2014
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين پارٽي ۾ اصلاح احوال( سڌاري) جي لاءِ رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن جو گڏيل اجلاس منعقد ڪيو ۽ اهم فيصلا ڪيا.
ڪارڪنَ گمنام ڪارڪنن ۽ شهيدن جي پونئرن سان عزت ۽ احترام سان پيش اچن ۽ انهن کي پنهنجو نوڪر نه سمجهن، تمام ايم اين ايز، ايم پي ايز، وزيرن ۽ عهديدارن کي جناب الطاف حسين جي آخري وارننگ.
اجلاس ۾ جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي جي ميمبر ڪنور خالد يونس جي سربراهي ۾ اسيٽس ڪميٽي تشڪيل ڏني جيڪا پارٽي جي تمام وزيرن، سينيٽرن، ايم اين ايز، ايم پي ايز ۽ ٻين تنظيمي ذميوارن کان شموليت جي وقت کان وٺي ڪري اڄ تائين جي تمام اثاثن جون تفصيلات جمع ڪري جناب الطاف حسين کي پيش ڪندي.
لنڊن؛16 سيپٽمبر؛2014
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پارٽي ۾ اصلاح احوال(سڌاري) جي سلسلي ۾ رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن جو هڪ گڏيل اجلاس منعقد ڪيو جنهن ۾ تمام ايم اين ايز،سينيٽرن، ايم پي ايز، وزيرن ۽ عهديدران کي آخري وارننگ ڏني وئي ته اهي ڪارڪنن سان ۽ خصوصن گمنام ڪارڪنن ۽ شهيدن جي پونئرن سان عزت ۽ احترام سان پيش اچن ۽ انهن کي پنهنجو نوڪر نه سمجهن.جناب الطاف حسين هڪ ٻئي فيصلي ۾رابطا ڪميٽي کي هدايت ڪئي ته ڪنهن به جڳھ تي شادي وغيره جي ڪا تقريب هجي ته ان ۾ ڪوئي وزير يا رابطا ڪميٽي جو ميمبر شريڪ نه ٿيندو، بلڪه علائقي جي سيڪٽر جا ذميوار،يونٽ جا ذميوار، علائقي جو ايم اين اي ۽ هڪ ايم پي اي شرڪت ڪندا. اجلاس ۾ هڪ ٻئي فيصلي جي مطابق جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي جي ميمبر ڪنور خالد يونس جي سربراهي ۾ هڪ اسيٽس ڪميٽي تشڪيل ڏني جيڪا پارٽي جي تمام وزيرن، سينيٽرن، ايم اين ايز ، ايم پي ايز ۽ ٻين تنظيمي ذميوارن جي شموليت کان وٺي ڪري اڄ تائين جي تمام اثاثن جون تفصيلات جمع ڪري جناب الطاف حسين کي پيش ڪندي

7/18/2024 1:27:27 AM