Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پاڪستان ۾ نون صوبن جو قيام وقت جي اهم ضرورت آهي، نون صوبن جي قيام سان وفاق ڪمزور نه بلڪه مظبوط ٿئي ٿو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


 Posted on: 9/16/2014
پاڪستان ۾ نون صوبن جو قيام وقت جي اهم ضرورت آهي، نون صوبن جي قيام سان وفاق ڪمزور نه بلڪه مظبوط ٿئي ٿو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
ايم ڪيو ايم جي طرفان سنڌ ۾ ڀائي چاري جي لاءِ ڪئي ويندڙ تمام تر ڪوششن جي باوجود به سنڌي قوم پرستن جي طرفان مهاجرن کي سنڌ ڌرتي جو پٽ ۽ برابر جو شهري نه سمجهيو ويو.
اڍائي لک محصورين(بهارين) کي پاڪستان آڻڻ جي مطالبي تي ته سنڌي قوم پرستن کي تمام وڏو اعتراض ٿئي ٿو پر 50 لک کان وڌيڪ افغانين جي سنڌ ۾ اچي ڪري آباد ٿيڻ تي انهن قوم پرستن کي ڪوئي به اعتراض نه ٿو ٿئي.سينيئر صحافي، ايڊيٽر ۽ دانشور اجمل دهلوي سان فون تي ڳالھ ٻولھ.
لنڊن؛ 16 سيپٽمبر؛2014
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته پاڪستان ۾ نون صوبن جو قيام وقت جي اهم ضرورت آهي، نون صوبن جي قيام سان وفاق ڪمزرو نه بلڪه مظبوط ٿئي ٿو. ملڪ جون تمام ننڍيون وڏيون سياسي جماعتون پنجاب، خيبرپختونخواھ ۽ بلوچستان ۾ نوَن صوبن جي قيام جو مطالبو بار بار ڪندي رهيون آهن بلڪه پيپلز پارٽي ته قومي اسيمبلي ۾ نون صوبن جي قيام جو بل به جمع ڪرايو آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن ملڪ جي ممتاز دانشور، سينيئر ترين صحافي ۽ ايڊيٽر اجمل دهلوي سان ٽيليفون تي ڊگهي ڳالھ ٻولھ ڪندي فرمايو.جناب الطاف حسين جي ڳالھ ٻولھ ڏيڍھ ڪلاڪ کان وڌيڪ جاري رهي، ان دوران ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال، نون صوبن جي قيام جي مطالبي، حقن کان محروم عوام ۾ پائي ويندڙ احساس محرومي جا سبب ۽ ٻين معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٽ ڪئي وئي.جناب الطاف حسين اجمل دهلوي سان ڳالھ ٻولھ ڪندي فرمايو ته مان گذريل ڪيترن ئي سالن کان سنڌ جي شهري ۽ ٻهراڙي واري آبادي  جي وچ ۾ ڀائي چاري جي فروغ جي لاءِ عملي جدوجهد ڪندو رهيو آهيان، مان هميشه سنڌي،مهاجر ڀائي ڀائي جو درس ڏنو. مان سنڌي زبان نه صرف پاڻ سکڻ جي ڪوشش ڪئي بلڪه اردو ڳالهائڻ وارن علائقن ۾ سنڌي سکائڻ جو ايم ڪيو ايم جي طرفان اهتمام به ڪيو ويو جنهن جو سلسلو اڄ به جاري آهي،سنڌي دانشورن جي مطالبن تي پاڻ کي سنڌي ثابت ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي ۽ پنهنجي گهر عزيز آباد کان سنڌي ڳالهائڻ وارن کي قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلين جا اليڪشن ويڙهائي ڪري ايوانن ۾ موڪليو، انهن کي وزير بڻايو ۽ پنهنجي عمل سان ثابت ڪيو ته اسان ڪنهن قوم سان نفرت نه ٿا ڪريون پر سنڌي قوم پرستن جي طرفان اسان جي خيرسگالي جي جذبي جي قدر نه ڪئي وئي.انهن وڌيڪ فرمايو ته ايم ڪيو ايم جي طرفان سنڌ ۾ ڀائي چاري جي قيام جي لاءِ ڪئي ويندڙ تمام تر ڪوششن جي باوجود به سنڌي قوم پرستن جي طرفان مهاجرن کي سنڌ ڌرتي جو پٽ ۽ برابر جو شهري نه سمجهيو ويو.انهن فرمايو ته جيڪڏهن مهاجر سنڌ ڌرتي جا پٽ آهن ته اڄ تائين ڪنهن سنڌي جماعت ۾ اها جرت ڇو نه ٿي ته اها رتوڏيرو، نوڏيرو ۽ لاڙڪاڻي مان ڪنهن اردو ڳالهائڻ واري سنڌي يعني مهاجر کي اليڪشن ۾ بيهاري ها؟ وفاق ۽ قوم پرست جماعتن جا رهنما اها زباني دعوٰي ته ڪن ٿا ته سنڌ ۾ رهڻ وارا سڀ سنڌي آهن ۽ پاڻ ۾ ڀائر آهن پر جڏهن سنڌ ۾ گڏيل حڪومت بڻائڻ جو مرحلو اچي ٿو ته ڪنهن اردو ڳالهائڻ واري سنڌي  يعني مهاجر کي سنڌ جو وزير
اعلٰي قبول ڪيو نه ٿو وڃي.جيڪڏهن قوم پرست مهاجرن کي سنڌ ڌرتي جو پٽ سمجهن ٿا ۽ انهن جا دل ڪشاده آهن ته اهي اردو ڳالهائڻ واري سنڌي يعني مهاجر کي وزير اعلٰي بڻائڻ جي سخت مخالفت ڇو ٿا ڪن؟اهڙي طرح جڏهن به ملڪ ۾ انتظامي بنيادن تي نون صوبن بڻائڻ جي ڳالھ ڪئي وڃي ٿي ته سنڌي قوم پرست سنڌ ۾ نئين صوبي جي ڳالھ تي باھ ٿي ڪري سنڌو درياء کي رنگين ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ لڳن ٿا.پر ملڪ جي ٻين صوبن ۾ نون صوبن جي قيام جي مطالبي تي انهن کي ڪنهن به قسم جو ڪوئي اعتراض نه ٿو ٿئي.انهن وڌيڪ فرمايو ته اڍائي لک محصورين پاڪستاني جن کي بهاري به چيو وڃي ٿو انهن کي پاڪستان آڻڻ جي مطالبي تي ته سنڌي قوم پرستن کي تمام گهڻي ڪاوڙ لڳي ٿي،پر جڏهن ته ٻئي طرف 50 لک کان وڌيڪ افغانين جي سنڌ ۾ اچي ڪري آباد ٿيڻ تي انهن کي ڪنهن به قسم جو ڪوئي اعتراض نه ٿو ٿئي.انهن فرمايو ته وقت جو تقاضا آهي ته وڌندڙ آبادي کي سامهون رکندي ۽ عوام جي بهتر کان بهتر خدمت ڪرڻ ۽ عوام کي هيٺين سطح تي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ ملڪ ۾ انتظامي بنيادن تي گهٽ ۾ گهٽ 20 صوبا بڻايا وڃن.جناب الطاف حسين ۽ اجمل دهلوي جي وچ ۾ ٿيندڙ ان ڳالھ ٻولھ جو خلاصو نيوز جي شڪل ۾ پيش ڪيو پيو وڃي، پر ڳالھ ٻولھ جي تفصيل اجمل دهلوي صاحب پاڻ به تحرير ڪندا.محترم اجمل دهلوي هڪ درسگاھ جي حيثيت رکن ٿا ۽ انهن جي تحرير يقيني طور تي تاريخ ۽ پوليٽيڪل سائنس جي شاگردن جي لاءِ انتهائي مفيد ثابت ٿيندي.
 

7/18/2024 1:22:01 AM