Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

شهيد انقلاب ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جي قربانين کي ڪڏهن به فراموش ڪري نه ٿو سگهجي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


 Posted on: 9/15/2014
شهيد انقلاب ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جي قربانين کي ڪڏهن به فراموش ڪري نه ٿو سگهجي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
شهيد انقلاب ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جي چوٿين ورسي جي موقعي تي جناب الطاف حسين جي طرفان شهيد کي زبردست خراج عقيدت پيش.
لنڊن؛ 15 سيپٽمبر؛2014
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي شهيد ڪنوينر ۽ شهيد انقلاب ڊاڪٽر عمران فاروق کي انهن جي تنظيمي خدمتن تي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي فرمايو ته شهيد جون قربانيون ڪڏهن به رائيگان نه وينديون ۽ اسان کي ڪامل يقين آهي ته شهيدن جي قربانين جي صدقي اها تحريڪ پنهنجي منزل تي ضرور پهچندي.ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جي چوٿين ورسي جي موقعي تي پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته حق پرستي جي ان جدوجهد ۾ هزارين ساٿين ثابت قدم رهي ڪري جام شهادت نوش ته فرمائي ورتو پر ڪنهن به باطل قوت جي اڳيان جهڪڻ گوارا نه ڪيو.انهن فرمايو ته حق پرستي جي ان جدوجهد ۾ ظالمن تحريڪ جي سينيئر ساٿي ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد کي به اسان کان جدا ڪري ڇڏيو ۽ انهن جي شهادت نه ختم ٿيڻ وارو هڪ اهڙو ڏک آهي جيڪو هميشه تازه رهندو.انهن فرمايو ته شهيد تحريڪ جي ڪارڪنن جي دلين ۾ هميشه زنده رهندو، انهن فرمايو ته تحريڪ جي مخلص ۽ بهادر ڪارڪنن کي گهرجي ته اهي شهيدن جي قربانين کي مشعل راھ بڻائيندي پنهنجي جدوجهد جاري رکن ۽ تمام تر ظلمن جي باوجود پنهنجن  حوصلن کي بلند رکن ۽ جنهن مشن و مقصد جي لاءِ شهيدن پنهنجين جانين جو نذرانو پيش ڪيو آهي  ان کي حاصل ڪري ئي دم وٺن ۽ انشاء الله تعالٰي تحريڪ جي شهيدن جون قربانيون ضرور رنگ لائينديون ۽ حق پرستي جي جدوجهد ڪاميابي سان همڪنار ٿيندي.

7/18/2024 1:29:23 AM