Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سنڌي قوم پرستن جي طرفان سنڌ جي اردو ڳالهائڻ وارين آبادين جي متعلق ڌمڪي وارا بيان ڏيڻ شرمناڪ ۽ قابل مذمت آهن. متحده سوشل فورم جو انچارج .


 Posted on: 9/15/2014
سنڌي قوم پرستن جي طرفان سنڌ جي اردو ڳالهائڻ وارين آبادين جي متعلق ڌمڪي وارا بيان ڏيڻ شرمناڪ ۽ قابل مذمت آهن. متحده سوشل فورم جو انچارج .
ڪراچي؛15 سيپٽمبر؛2014
             متحده سوشل فورم جي انچارج لونگ خان چنه سنڌي قوم پرستن جي طرفان سنڌ ۾ اردو ڳالهائڻ وارين آبادين جي متعلق ڌمڪي ڏيڻ وارن بيانن کي شرمناڪ عمل قرار ڏيندي انهن جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن چيو ته سنڌ ڌرتي تي تمام وسندڙن  جو برابر جو حق آهي ۽ اها ڌرتي ڪنهن هڪ گروپ يا ٽولي جي جاگير نه آهي. انهن چيو ته گذريل پوين ڏهاڪن ۾ سنڌ ۾ وسندڙ قوم پرستن سنڌ ڌرتي جي مفادن جي خلاف پنهنجن آقائن کي خوش ڪرڻ جي لاءِ عوام جي وچ ۾ اختلاف ۽ نفرتون ڦيلائڻ جي لاءِ وڏي ڪوشش ڪئي پر اها ڪامياب نه ٿي سگهي.انهن سنڌ جي مستقل ماڻهن کي هڪ ڪرڻ جي لاءِ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي ڪاوشن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته جناب الطاف حسين پنهنجي جدوجهد جي شروعات کان ئي وٺي ڪري سنڌ ۾ رهندڙ اردو ڳالهائڻ وارن ۽ سنڌي ڳالهائڻ وارن کي هڪ ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون آهن پر قوم پرستن هميشه سنڌ ۾ نفرتن جا ٻج پوکڻ جون سازشون ڪيون آهن. لونگ خان چنه سنڌ جي محب وطن دانشورن، ليکڪن ۽ صحافين کي اپيل ڪئي ته اهي سنڌ جي عوام کي حقيقتن کان آگاھ ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.

7/18/2024 1:30:01 AM