انتظامي بنيادن تي صوبا قائم ڪري عوام جي احساس ڪمتري کي ختم ڪري سگهجي ٿو.رابطا ڪميٽي ميمبر گلفراز خان خٽڪ.
پختون آرگنائيزنگ ڪميٽي جي زير اهتمام بن قاسم ۾ منعقد ٿيندڙ ڪارڪنن جي اجلاس کي خطاب.
ڪراچي؛ 15 سيپٽمبر؛2014
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر گلفراز خان خٽڪ پختون آرگنائزنگ ڪميٽي جي زير اهتمام بن قاسم ٽائون يونٽ 3 ۾ منعقد ٿيندڙ اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ايم ڪيو ايم ۾ تمام قومن سان تعلق رکڻ وارن محروم ۽ مظلوم ماڻهن جي وڏي تعداد شامل آهي. جيڪي ايم ڪيو ايم جي جهنڊي هيٺان گڏ ٿي ڪري پاڪستان جي بقا و سلامتي جي لاءِ وڏي جدوجهد ڪري رهيا آهن.گلفراز خان خٽڪ چيو ته ملڪ جي ترقي جي لاءِ ضروري آهي ته ملڪ جي تمام قومن کي انهن جا جائز حق فراهم ڪرڻ جي لاءِ هنگامي بنيادن تي قدمَ کنيا وڃن ۽ انتظامي طور تي صوبن جو قيام عمل ۾ آڻي ڪري عوام ۾ موجود احساس ڪمتري جو خاتمو ڪيو وڃي.انهن اجلاس ۾ موجود ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي چيو ته اهي ملڪ جي مختلف حصن ۾ وسندڙ پختون عوام ۾ جناب الطاف حسين جي نظريي حق پرستي کي ڦيلائن. اجلاس ۾ پختون آرگنائيزنگ ڪميٽي جي ذميوارن به شرڪت ڪئي