پاڪستان جي معروف فزيشن ۽ سابق صوبائي وزير پروفيسر ايس ايم رب جي وفات تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
لنڊن؛ 15 سيپٽمبر؛2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پاڪستان جي معروف فزيشن ۽ سابق صوبائي وزير پروفيسر ايس ايم رب جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان انهن فرمايو ته مرحوم جي طب جي شعبي ۾ خدمتون قابل قدر آهن. انهن مرحوم جي سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته مون سميت ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪن َ اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. انهن دعا فرمائي ته الله تعالٰي مرحوم کي جنت الفردوس ۾اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين.