Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

اسلام آباد ۾ تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن جي طرفان ٽي وي چينل جي صحافي، ڪيميره مينن ۽ پوليس تي حملو ۽ تشدد قابل مذمت آهي.رابطا ڪميٽي ميمبر ميان عتيق.


 Posted on: 9/15/2014
اسلام آباد ۾ تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن جي طرفان ٽي وي چينل جي صحافي، ڪيميره مينن ۽ پوليس تي حملو ۽ تشدد قابل مذمت آهي.رابطا ڪميٽي ميمبر ميان عتيق.
اسلام آباد؛15 سيپٽمبر؛2014
          متحد قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ميان عتيق اسلام آباد ۾ ڌرڻي ۾ موجود تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن جي طرفان پوليس اهلڪارن ۽ هڪ ٽي وي چينل جي صحافي ۽ ڪيميره مينن تي حملي ۽ تشدد جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن چيو ته عمران خان جي طرفان پنهنجن ڪارڪنن کي پوليس تي حملن ۽ صحافين تي تشدد جي جهڙي طرح کلي عام ترغيب ڏني پئي وڃي اهو انهي جو نتيجو آهي. انهن چيو ته ان کان اڳ به انهن جي ڪارڪنن صحافين کي ماريو ڪٽيو هو. انهن چيو ته عمران خان جي ڪارڪنن جي طرفان تشدد جون ڪاروايون قابل مذمت آهن ۽ تحريڪ انصاف جي قيادت کي پنهنجن ڪارڪنن کي تشدد جي ترغيب ڏيڻ جي بجاءِ امن پسندي جو درس ڏيڻ گهرجي ۽ پنهنجن ڪارڪنن کي هر قسم جي تشدد کان روڪڻ گهرجي.

7/18/2024 1:34:36 AM