Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جناب الطاف حسين جي 61 هين سالگره جي سلسلي ۾ خدمت خلق فائونڊيشن جي زيراهتمام ڪراچي انسٽي ٽيوٽ هارٽ ڊسيسز ۾ جديد ترين ليبارٽري جو افتتاح ڪيو ويو.


 Posted on: 9/15/2014
جناب الطاف حسين جي 61 هين سالگره جي سلسلي ۾ خدمت خلق فائونڊيشن جي زيراهتمام ڪراچي انسٽي ٽيوٽ هارٽ ڊسيسز ۾ جديد ترين ليبارٽري جو افتتاح ڪيو ويو.
ليبارٽري ۾ مختلف مرضن جي ٽيسٽن جي سهولت به فراهم ڪئي وئي آهي.افتتاحي تقريب کي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جو خطاب.
ڪراچي؛15 سيپٽمبر؛2014
           قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي 61 هين سالگره جي سلسلي ۾ خدمت خلق فائونڊيشن جي زير اهتمام ڪراچي انسٽيٽيوٽ آف هارٽ ڊسيسز ۾ جديد ترين ليبارٽري جو افتتاح ڪيو ويو. ليبارٽري جو افتتاح  رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ڪيو.ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر نصرت، رابطا ڪميٽي ميمبر امين الحق، صوبائي وزير ڊاڪٽر صغير احمد ۽ ٻين کان علاوه معزز شخصيتن جي وڏي تعداد موجود هئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين نوجواني کان وٺي ئي خلق جي خدمت کي اپنايو آهي ۽ سياست کان اڳ انهن خدمت خلق ڪميٽي جي بنياد رکي ڪري ثابت ڪري ڇڏيو هو ته اهي ڏکايل انسانيت جي تمام گهڻو جذبو رکڻ واري شخصيت آهن. انهن چيو ته مريضن کي ٽيسٽ جي سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ جديد ترين ليبارٽري جو قيام جناب الطاف حسين جي انهي سوچ  جو عڪاس آهي، جيڪا غريبن، مستحق ۽ نادار ماڻهن جي لاءِ هر لمحي مدد جو ذريعو بڻيل رهي ٿي.انهن چيو ته ملڪ ۾ جيڪي جماعتون نظريات جون ڳالهيون ڪن ٿيون اهي خانداني سياست ڪري رهيون آهن پر جناب الطاف حسين ملڪ جا واحد ليڊر آهن جن جا نظريا سچا ۽ حقيقت تي ٻڌل آهن .انهن چيو ته پنجاب کان پوءِ سنڌ ۾ سيلاب جي پيشن گوئي آهي ۽ جناب الطاف حسين هزارين ميل پري ويهي ڪري سيلاب جي تباهين تي نه صرف غمزده آهن بلڪه انهن جي ڀرپور مدد ڪرڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم ۽ ان جي فلاحي اداري ڪي ڪي ايف کي متحرڪ ڪري ڇڏيو آهي.تقريب کي صوبائي وزير ڊاڪٽر صغير به خطاب ڪيو.

7/18/2024 1:20:40 AM