Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ترقي يافته ملڪن ۾ مڪاني نظام ۽ نوان انتظامي يونٽَ عوام کي بنيادي سهولتن جي فراهمي جو باعث بڻجن ٿا.رابطا ڪميٽي ميمبر محمد اشفاق.


 Posted on: 9/15/2014
ترقي يافته ملڪن ۾ مڪاني نظام ۽ نوان انتظامي يونٽَ عوام کي بنيادي سهولتن جي فراهمي جو باعث بڻجن ٿا.رابطا ڪميٽي ميمبر محمد اشفاق.
جيڪڏهن سنڌ جي حڪومت کي بهتر طور تي هلائڻ جي لاءِ نوان صوبا نه ٺهڻ گهرجن ته رتوڏيرو، نوڏيرو ۽ لاڙڪاڻي جهڙن انهن جي آبائي شهرن جي بربادي جو ڪهڙو سبب آهي؟
پاڪستان پيپلز پارٽي جي سربراھ جي بيان تي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ميمبر محمد اشفاق جو تبصرو.
لنڊن؛15 سيپٽمبر؛2014
           متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ميمبر محمد اشفاق پاڪستان پيپلز پارٽي جي سربراھ جي ان بيان تي ته اسان صوبي جي تقسيم نه ٿا چاهيون، سوال ڪندي چيو ته جيڪڏهن سنڌ جي نظام حڪومت کي بهتر طور تي هلائڻ جي لاءِ نوان انتظامي يونٽَ(ايڊمنسٽريٽو يونٽس) يا نوان صوبا نه ٺهڻ گهرجن ته رتوڏيرو، نوڏيرو ۽ لاڙڪاڻي جهڙن انهن جي آبائي شهرن جي بربادي جو ڪهڙو سبب آهي؟ انهن چيو ته پي پي جا رهنما انهن شهرن ۾ ترقياتي ڪمن جو جائزو وٺي ڪري پاڻ ٻڌائين ته اتي ترقياتي ڪمن جو نه هجڻ، ٽٽل روڊَ، اسپتالن جي ناقص صورتحال ۽ تعليمي ادارن جي تباهي جو سبب انتظامي يونٽَ نه آهن ته پوءِ ڪهڙو سبب آهي؟ انهن چيو ته سنڌ جا عوام هاڻي باشعور ٿي چڪا آهن ۽ اهي پاڻ بهتر طور تي ڄاڻين ٿا ته پوري دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ مڪاني نظام ۽ نوان انتطامي يونٽَ عوام جي بنيادي سهولتن جي فراهمي جو باعث بڻجن ٿا.

7/18/2024 1:33:18 AM