Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

راولپنڊي ، لاهور، سيالڪوٽ، ملتان ۽ ٻين ضلعن ۾ ايم ڪيو ايم جي طرفان سيلاب سان متاثر ٿيندڙ خاندانن جي لاءِ امدادي ڪيمپن ۽ طبي امدادي ڪيمپون قائم ڪرڻ قابل تحسين قدم آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


 Posted on: 9/15/2014
راولپنڊي ، لاهور، سيالڪوٽ، ملتان ۽ ٻين ضلعن ۾ ايم ڪيو ايم جي طرفان سيلاب سان متاثر ٿيندڙ خاندانن جي لاءِ امدادي ڪيمپن ۽ طبي امدادي ڪيمپون قائم ڪرڻ قابل تحسين قدم آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
اهڙا محنتي ڪارڪنَ تحريڪ جو فخر ۽ ناز آهن. جناب الطاف حسين.
لنڊن؛15 سيپٽمبر؛2014
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پنجاب ۾ سيلاب زده ماڻهن جي لاءِ امدادي ڪاروائن ۾ مصروف ايم ڪيو ايم جي ذميوارن، ڪارڪنن ۽ همدردن کي زبردست خراج تحسين ۽ سلام تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم جي ذميوارن، ڪارڪنن ۽ همدردن جي طرفان راولپنڊي، لاهور، سيالڪوٽ، ملتان ۽ پنجاب جي ٻين ضلعن ۾ سيلاب سان متاثرخاندانن جي لاءِ امدادي ڪيمپ ۽ انهن کي علاج معالجي جون سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ طبي ڪيمپ قائم ڪيا ويا آهن جيڪو قابل تحسين قدم آهي.انهن فرمايو ته اهڙا محنتي ساٿي تحريڪ جو قيمتي سرمايو آهن ۽ تحريڪ کي انهن تي ناز آهي.انهن فرمايو ته پنجاب جا جيڪي مخير حضرات ۽ عوام متاثرن جي امداد جي لاءِ ڪي ڪي ايف ۽ ايم ڪيو ايم جي امدادي ڪيمپن ۾ کاڌي پيتي جون شيون ۽ ٻيو ضروري سامان پهچائي رهيا آهن مان انهن جو دل جي گهرائين سان شڪريو ادا ڪريان ٿو ۽ الله تعالٰي کان دعا ڪريان ٿو ته الله تعالٰي انهن جي رزق ۾ برڪت عطا فرمائي ۽ امداد ۾ مصروف ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي ڏکايل انسانيت جي خدمت ڪرڻ تي اجر عظيم عطا فرمائي.جناب الطاف حسين طوفاني برساتن ۽ سيلاب جي ڪري هلاڪ ٿيندڙن جي بلند درجات ۽ زخمين جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي.

7/18/2024 1:20:01 AM