Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڊاڪٽر طاهر القادري ۽ عمران خان ڪجھ ڏيو ۽ ڪجھ وٺو جي اصول جي تحت ڳالهين جو فوري طور تي آغاز ڪن.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


 Posted on: 9/15/2014
ڊاڪٽر طاهر القادري ۽ عمران خان ڪجھ ڏيو ۽ ڪجھ وٺو جي اصول جي تحت ڳالهين جو فوري طور تي آغاز ڪن.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
حڪومت ڌرڻا ڏيڻ وارين جماعتن جي مطالبن تي سنجيدگي سان غور ڪري، ٻنهي جماعتن جا پيش ڪيل گهڻا ئي مطالبا عوام جي سوچ جي مطابق آهن.
اهو وقت جو تقاضا آهي ته وڌندڙ آبادي کي سامهون رکندي ۽ عوام کي هيٺين سطح تي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ انتظامي بنيادن تي گهٽ ۾ گهٽ 20 نوان صوبا بڻايا وڃن.جناب الطاف حسين.
لنڊن؛15 سيپٽمبر؛2014
          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين حڪومت ۽ اسلام آباد ۾ پنهنجن مطالبن جي حق ۾ احتجاجي ڌرڻا ڏيڻ وارين جماعتن پاڪستان عوامي تحريڪ جي رهنما ڊاڪٽر طاهر القادري ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراھ عمران خان کي مخاطب ڪندي فرمايو ته  اهي انتهائي سنجيدگي ۽ بردباري جو مظاهرو ڪن ۽ ڪجھ ڏيو ۽ ڪجھ وٺو جي اصولن تي گامزن رهندي ڳالهين جو فوري طور تي آغاز ڪن. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته ڌرڻا ڏيڻ واريون جماعتون حڪومت کي درپيش مشڪلاتن جو احساس ڪن ۽ حڪومت به ڌرڻا ڏيڻ وارين جماعتن جي مطالبن تي سنجيدگي سان غور ڪري ڇو ته ٻنهي جماعتن جا پيش ڪيل مطالبا عوام جي سوچ جي مطابق آهن. مثال جي طور تي جن تڪن ۾ ٻنهي جماعتن وٽ ثبوت ۽ شاهديون آهن ته اتي ڌانڌلي ٿي آهي اتي ٻيهر ڳڻپ
2
ڪرائي وڃي، ماڊل ٽائون لاهور ۾ طاهر القادري جي مرڪز تي جمع ٿيندڙ هٿين خالي مردن ۽ عورتن تي فائرنگ ڪري انهن کي شهيد و زخمي ڪرڻ وارن اهلڪارن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي.انهن فرمايو ته حڪومت جا نمائندا ۽ انهن جي هم خيال جماعتن جا ميمبر جوائنٽ سيشن جي دوران پاڪ فوج ۽ آئي ايس آئي جهڙن ادارن تي اجاين الزامن کان پاسو ڪن ڇو ته اهڙن بي بنياد الزامن سان نه صرف ادارن جو تقدس پامال ٿئي ٿو بلڪه پاڪستان دشمن عناصر کي به اهڙي طرح جي الزام تراشين سان کلڻ جو موقعو ملي ٿو.انهن فرمايو ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪرڻ وارا ميمبر ناشائسته لفظَ ادا ڪرڻ کان هر قيمت تي پاسو ڪن.انهن فرمايو ته عام ماڻهو کي بااختيار بڻائڻ، جاگيرداراڻه ۽ موروثي نظام جو خاتمو، قومي خزاني کان لٽيل رقم جي پاڪستان واپسي جي منتقلي کي يقيني بڻائڻ، مڪاني نظام کي ملڪ جي ڪنڊ ڪنڊ ۾ نافذ ڪرڻ، ملڪ ۾ حڪومت جي نظام کي بهتر هلائڻ جي لاءِ نون صوبن جو قيام عمل ۾ آڻڻ، پوري ملڪ ۾ هڪ جهڙو تعليمي نظام نافذ ڪرڻ ، عورتن کي برابري جا حق ڏيڻ، چائلڊ ليبر جو خاتمو ڪرڻ، مزدورن، هارين کي انهن جا حق ڏيڻ، اسپتالن ۾ علاج معالجي جي نظام کي جديد طريقي تي استوار ڪرڻ ۽ انصاف جي حصول جي لاءِ عدالتي نظام کي آسان ۽ انتهائي سستو بڻائڻ جو هڪ غريب به سپريم ڪورٽ جو در آساني سان کڙڪائي سگهي.اهي سڀ اهڙا مطالبا آهن جن جي ڪوئي به مخالفت ڪري نه ٿو سگهي.انهن فرمايو ته پاڪستان ۾ مڊل ڪلاس کان ورڪنگ ڪلاس ۾ هر گذرندي ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي ۽ ٻنهي جماعتن جا پيش ڪيل مذڪوره مطالبا مڊل ڪلاس سان تعلق رکڻ وارن ماڻهن جي جذبات جي ترجماني ڪن ٿا.انهن فرمايو ته اها صدي ڊي سينٽر لائيزيشن جي صدي آهي ۽ ان ۾ تيزي سان وڌندڙ آبادي جي پيش نظر نوان نوان صوبا يا انتظامي يونٽن جو قيام وقت جي اهم ضرورت آهي.انهن مثال پيش ڪندي فرمايو ته آزادي جي وقت انڊيا جا 7 صوبا هئا پر اڄ انڊيا جا 36 صوبا آهن، اهڙي طرح  افغانستان ۾ صوبن جي تعداد وڌي ڪري 34 ٿي وئي آهي، ايران ۾ صوبن جي تعداد وڌي ڪري 31 ٿي وئي آهي، ترڪي ۾ صوبن جي تعداد 81 ٿي وئي آهي. اهڙي طرح  سريلنڪا جهڙي ننڍي ملڪ ۾ 9 صوبا آهن، نيپال ۾ صوبن جي تعداد 5 آهي، جڏهن ته ڀوٽان جتان جي آبادي صرف ساڍا 7 لک آهي اتي 9 صوبا آهن، پر 67 سال گذرڻ کان پوءِ به پاڪستان ۾ اڄ به فقط 4 صوبا آهن. جناب الطاف حسين فرمايو ته وقت جو تقاضا آهي ته وڌندڙ آبادي جي پيش نظر عوام جي بهتر کان بهتر خدمت ڪرڻ ۽ عوام کي هيٺين سطح تي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ انتظامي بنيادن تي گهٽ ۾ گھٽ 20 صوبا بڻائڻ گهرجن.

7/18/2024 1:20:59 AM