سابق وفاقي وزير داخله سينيٽر رحمٰن ملڪ جي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين سان فون تي ڳالھ ٻولھ.
رحمٰن ملڪ موجوده صورتحال ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي مثبت ڪردار کي ساراهيو.
لنڊن؛ 15 آگسٽ 2014
سابق وفاقي وزير داخله سينيٽر رحمٰن ملڪ متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين سان فون تي ڳالھ ٻولھ ڪئي ۽ انهن سان سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٽ ڪئي. رحمٰن ملڪ گذريل ڏينهن پاڪستان عوامي تحريڪ کي مارچ ڪڍڻ جي اجازت ڏيارڻ جي سلسلي ۾ ڀرپور ڪوششون ڪرڻ ۽ معاملي کي افهام و تفهيم سان حل ڪرائڻ تي جناب الطاف حسين کي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ موجوده صورتحال ۾ انهن جي مثبت ڪردار کي ساراهيو.جناب الطاف حسين ان موقعي تي ڳالھ ٻولھ ڪندي فرمايو ته ملڪ جي موجوده صورتحال افهام و تفهيم جو تقاضا ڪري ٿي.