Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي آئين و قانون جي مطابق پرامن معاشي انقلاب آڻڻ جي لاءِ عملي جدوجهد ۾ مصروف آهي.


 Posted on: 7/26/2014
متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي آئين و قانون جي مطابق پرامن معاشي انقلاب آڻڻ جي لاءِ عملي جدوجهد ۾ مصروف آهي.
رابطا ڪميٽي ميمبرن عبدالحسيب،افتخار اڪبر رنڌاوا ۽ ٻين جو ايم ڪيو ايم جنوبي پنجاب جي تحت منعقده دعوت افطار و ڊنر کي خطاب.
ملتان؛ 26جولائي 2014
           متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن افتخار اڪبر رنڌاوا ۽ عبدالحسيب چيو آهي ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي قيادت ۾ انشاء الله تعالٰي پاڪستان ۾ پرامن ۽ جمهوري طريقي سان ئي انقلاب ايندو ۽ ايوانن ۾حقيقي عوامي نمائندا ئي اسيمبلين ۾ پهچي ڪري هن ملڪ جي تقدير بدلي چڏيندا.انهن خيالن جو اظهار انهن جنوبي پنجاب جي طرفان ايم ڪيو ايم ملتان زون آفيس ۾ منعقده افطار ڊنر جي شرڪاء کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي صوبائي تنظيمي ڪميٽي جو انچارج ارشاد ظفير، صدر مرزٰي فرقان علي مغل ۽ ٻين ذميوارن کان علاوه معززن ۽ ڪارڪنن جي وڏي تعداد موجود هئي.رابطا ڪميٽي ميمبرن چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جي آئين و قانون جي دائري ۾ رهندي پرامن معاشي انقلاب آڻڻ جي جدوجهد ۾ مصروف آهي ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو فڪر و فلسفو پنجاب جي هر ماڻهو تائين پهچندو ۽ پنجاب بلڪه سڄي ملڪ کان موروثي سياسي نظام جو خاتمو ٿيندو. افطار ڊنر کي صوبائي تنظيمي ڪميٽي جي انچارج ارشاد ظفير، جنوبي پنجاب جي صدر مرزٰي فرقان علي مغل، جنوبي پنجاب جي سينيئر نائب صدر ملڪ خالد فاروق، جنرل سيڪريٽري عمران گاڏهي،شمساد جعفري، ڪرامت شيخ ۽ رائي محمد خالد به خطاب ڪيو.ان موقعي تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي صحت و تندرستي، وڏي عمر، پاڪستان جي بقا و سلامتي، فوج جي شهيدن جي بلند درجات ۽ فلسطين جي مظلوم مسلمانن تي ٿيندڙ ظلمن کان نجات جي لاءِ دعائون به ڪيون ويون.
****

5/17/2024 12:02:39 AM