جيستائين قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جا جانثار ۽ وفادار ساٿي موجود آهن ته دنيا جي ڪائي به طاقت ايم ڪيو ايم کي ختم ڪري نه ٿي سگهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
ميرپور خاص زونل آفيس ۾ ميڊيا سان ڳالھھ ٻولھھ.
ميرپور خاص: 8 نومبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن عبدالحسيب، اقبال مقدم، اسلم آفريدي ۽ سي اي سي ميمبر طارق جاويد چيو آهي ته پوري قوم متحد ۽ منظم آهي ۽ اها حق پرست شهيدن جي لازوال قربانين کي ڪڏهن به رائيگان وڃڻ نه ڏيندي. انهن خيالن جو اظهار انهن ميرپورخاص زون ۾ ميڊيا سان ڳالھھ ٻولھھ ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سنڌ تنظيمي ڪميٽي جو انچارج عمر قريشي ۽ ٻيا به موجود هئا. انهن چيو ته جيستائين قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جا جانثار ساٿي موجود آهن ته ايم ڪيو ايم کي دنيا جي ڪائي به طاقت ختم ڪري نه ٿي سگهي. انهن چيو ته تمام تر رياستي هٿڪنڊن ۽ سازشن جي باوجود مڪاني اليڪشن ۾ عوام قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي اميدوارن کي وڏي اڪثريت سان ووٽ ڏيئي ڪري ڪامياب ڪرائيندا.ان کان علاوه ميرپور خاص زون ۾ ٻڪرن جو صدقو به ڏنو ويو ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي وڏي عمر ، صحت و تندردستي ۽ تحريڪ جي ڪاميابي جي لاءِ دعائون به ڪيون ويون.
*****