Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

رابطا ڪميٽي ايم ڪيو ايم جي شهيد ڪارڪنن جو معاملو الله تعالٰي جي عدالت ۽ ان جي انصاف تي ڇڏي ڏي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


رابطا ڪميٽي ايم ڪيو ايم جي شهيد ڪارڪنن جو معاملو الله تعالٰي جي عدالت ۽ ان جي انصاف تي ڇڏي ڏي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 1/11/2015
رابطا ڪميٽي ايم ڪيو ايم جي شهيد ڪارڪنن جو معاملو الله تعالٰي جي عدالت ۽ ان جي انصاف تي ڇڏي ڏي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
گونگي ، ٻوڙي ۽ احساس کان عاري وزير اعلٰي قائم علي شاھ پنهنجي محل کان ٻاهر نڪرڻ به گوارا نه ڪيو.
مفتي اعظم پاڪستان جو فرض آهي ته اهي پنهنجي قيادت ۾ لشڪر تيار ڪن ۽ منافقن ۽ خوارج سان مقابلي جي تياري ڪن.
عوام پنهنجي مدد پاڻ جي تحت پنهنجي حفاظت جو پاڻ بندوبست ڪن ۽ گهٽين ۽ پاڙن ۾ چوڪيداري نظام قائم ڪن.جناب الطاف حسين.
مختلف ٽي وي چينلن کي انٽرويو.
لنڊن؛ 11 جنوري 2015
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي کي چيو آهي ته اها ايم ڪيو ايم جي شهيد ڪارڪنن جو معاملو الله تعالٰي جي عدالت ۽ ان جي انصاف تي ڇڏي ڏي ۽ ايم ڪيو ايم جي شهيدن جي قاتلن جي گرفتاري جي لاءِ قانوني رستو اختيار ڪن.انهن فرمايو ته مذهب ۽ فرقي واريت جي بنياد تي دهشت گردي هڪ ڪينسر جي شڪل اختيار ڪري چڪي آهي. ان ڪينسر کان نڀرڻ صرف آرمي چيفجو فرض نه آهي بلڪه جيستائين سڄي ملڪ جا عوام دهشت گردي جي خاتمي
جي لاءِ پاڪ فوج جو ساٿ نه ڏيندا تيستائين پاڪستان کان اهو موذي مرض ختم نه ٿيندو.انهن خيالن  جو اظهار انهن مختلف ٽي وي چينلن کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. انهن فرمايو ته هڪ طرف ته پوليس ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارن ٻين ادارن جي اهلڪارن جي طرفان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري سرڪاري اذيت خانن ۾ سخت تشدد جو نشانو بڻائي ڪري قتل ڪيو پيو وڃي ۽ ٻئي طرف پابندي وڌل تنظيمن جا دهست گرد شيعن کي ٽارگيٽ ڪلنگ جو نشانو بڻائي رهيا آهن. جناب الطاف حسين فرمايو ته شهيدن جي پونئرن پنهنجن پيارن جي جنازن سان گڏ وزير اعلٰي هائوس جي سامهون ڌرڻو ڏنو، انصاف جون فريادون ڪيون، پونئر انتظار ڪندا رهيا ته اهي انهن جي مٿن تي شفقت جو هٿ رکندا پر گونگي، ٻوڙي ۽ احساس کان عاري وزير اعلٰي پنهنجي محل کان نڪرڻ به گوارا نه ڪيو.حڪومت جي ان بي حسي  تي رابطا ڪميٽي صوبي ۾ هڙتال جي اپيل ۾ هڪ ڏينهن جي توسيع جو فيصلو ڪيو هو پر اڄ  نائن زيرو ۽ لنڊن ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد جي واپارين ۽ اسڪولن جي استادن ۽ زندگي جي ٻين  شعبن سان تعلق رکڻ وارن ماڻهن فون ڪري رابطا ڪميٽي کي درخواست ڪئي ته اها سومر جي هڙتال جي اپيل تي نظر ثاني ڪري. جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي کي چيو ته اها شهيد ڪارڪنن جو معاملو الله تعالٰي تي ڇڏي ڏي ۽ هڙتال جي سڏ کي واپس وٺي ۽ يوم سوگ ملهائي ڪري شهيدن جي ايصال و ثواب جي لاءِ قرآن خاني ۽ فاتحه خواني جا اجتماع منعقد ڪري.جناب الطاف حسين وزير اعظم ميان نواز شريف، وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان، آرمي چيف ۽ آئي ايس آئي چيف کي مخاطب ڪندي فرمايو ته مان گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان پاڪستان ۾ انتها پسند دهشت گرد تنظيم داعش جي موجودگي کان آگاھ ڪندو پيو اچان ۽ اڄ سڄي دنيا جي اخبارن ۾ اها خبر شايع ٿي آهي ته پاڪستان ۾ داعش جون شاخون وڏي تيزي سان ڦيلجي رهيون آهن. جيڪا ملڪ جي روشن خيال ۽ جمهوريت پسند جماعتن جي ڪارڪنن ۽ شيعن جي قتل و غارتگري جا منصوبا بڻائي رهي آهي.بدقسمتي سان اسلام آباد لال مسجد جا ماڻهو ۽ جامعه حفصه جون شاگردياڻيون داعش جو لٽريچر ورهائي رهيون آهن ۽ ملڪ ۾ مذهبي نفرت ۽ فرقي واريت جي بنياد تي نفرتون ڦيلايون پيون وڃن. هن وقت مفتي اعظم پاڪستان جو فرض آهي ته اهي مٿي تي ڪفن ٻڌي ڪري پنهنجي قيادت ۾ القائده، طالبان ۽ داعش جي خلاف لشڪر تيار ڪن ۽ انهن ۽ خوارج سان مقابلي جي تياري ڪن. جناب الطاف حسين فرمايو ته حڪومت عوام کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي ۽ وزير اعلٰي سنڌ هن مهل تائين ان جج جي خلاف به ڪاروائي نه ڪئي آهي جنهن ايم
3
ڪيو ايم جي ڪارڪن فراز جي جسم تي تشدد جا نشان ڏسڻ جي باوجود ان جو وڌيڪ رمانڊ ڏيئي ڪري ان کي موت جي منهن ۾ ڌڪي ڇڏيو.انهن فرمايو ته مذهب ۽ فرقي واريت جي بنياد تي دهشت گردي هڪ ڪينسر جي شڪل اختيار ڪري چڪي آهي ان ڪينسر کان نڀرڻ صرف آرمي چيف جو فرض نه آهي پر جيستائين سڄي ملڪ جا عوام دهشت گردي جي خاتمي ۾ فوج جو ساٿ نه ڏيندا تيستائين اهو موذي مرض ختم نه ٿو ٿي سگهي.منهنجي دعا آهي ته الله تعالٰي آرمي چيف کي ڪمال اتاترڪ جهڙو جنرل بڻائي ته جيئن ملڪ ۾ مذهبي نفرت ۽ فرقي واريت جي باھ ڀڙڪائڻ وارا ڀلي انهن جو تعلق ڪنهن به مسلڪ سان هجي انهن کي جهاز ۾ ويهاري حج تي موڪلي ڇڏجي.انهن فرمايو ته پاڪستان يا برطانيه ۾ منهنجا محل يا جائيدادون نه آهن، هن وقت ملڪ کي مخلص، ايماندار ۽ ڪرپشن کان پاڪ قيادت جي گهرج آهي جيڪڏهن ايم ڪيو ايم کي فقط ڇهن مهينن جي لاءِ مڪمل اختيارن سان گڏ حڪومت ڏني وڃي ته اسان عوام جا بنيادي مسئلا حل ڪري ڇڏينداسين.انهن سڄي ملڪ جي عوام کي فرمايو ته اهي پنهنجي مدد پاڻ جي تحت پنهنجي حفاظت جو پاڻ بندوبست ڪن ۽ هر هڪ گهٽي ۽ پاڙي ۾ چوڪيداري نظام قائم ڪن، الارم سسٽم لڳرائين ۽ ڪميٽيون تشڪيل ڏيئي ڪري پنهنجن گهرن، پاڙن، بازارن ۽ اسڪولن جي پاڻ حفاظت ڪن. امن جي خاطر حڪومت ڏانهن ڏسڻ بلڪل بيڪار آهي، ڪراچي جي دائمي امن جي لاءِ ضروري آهي ته پوليس ۾ مقامي ماڻهن کي ڀرتي ڪيو وڃي ۽ سڄي ملڪ ۾ ان علائقي سان تعلق رکڻ واري کي اتان جو ايس ايڇ او بڻايو وڃي ڇو ته اهو پنهنجي علائقي جي عوام جي نفسيات کان واقف هوندو.انهن فرمايو ته جيڪڏهن حڪومت  عوام جي جان و مال جي تحفظ جي لاءِ ڪجھ نه ٿي ڪري سگهي ته گهٽ ۾ گهٽ واپارين، صنعتڪارن، استادن ۽ صحافين کي محدود وقت جي لاءِ  هٿيارن جا لائسنس جاري ڪري ته جيئن اهي پنهنجي حفاظت ڪري سگهن.انهن فرمايو ته مقامي حڪومتن جو نظام لازمي آهي، ملڪ جي سڀني کان وڏي شهر ڪراچي کي بيوروڪريسي جي ذريعي هلايو پيو وڃي جيڪي عوام کي جواب ڏيندڙ نه آهن.جناب الطاف حسين يوم سوگ ۽ ڪامياب هڙتال تي واپارين، ٽرانسپورٽن ۽ دڪاندارن سان دلي تشڪر جو اظهار به ڪيو. انهن سڄي ملڪ ۾ پرامن احتجاجي مظاهرا ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم جي تمام ذميوارن ، ڪارڪنن ۽ سڄي ملڪ جي عوام سان دلي تشڪر جو اظهار به ڪيو.

7/17/2024 8:20:11 PM