ڪنڊيارو وٽ ٽريفڪ حادثي ۾ ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبر گلفراز خان خٽڪ جي ڪٽنب جي چئن ماڻهن جي هلاڪت تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
لنڊن؛ 12 جنوري 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ڪنڊيارو وٽ ٽريفڪ حادثي ۾ ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبر گلفراز خان خٽڪ جي ڪٽنب جي چئن ماڻهن جي هلاڪت ۽ ڪجھ جي زخمي ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ جناب الطاف حسين گلفراز خان خٽڪ سميت مرحومن جي تمام سوگوارن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ مون سميت ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي مرحومن کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.آمين . ان کان علاوه جناب الطاف حسين حادثي ۾ زخمي ٿيندڙ ماڻهن جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي